SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مُختلف ڌُرين جو سهڪار


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مُختلف ڌُرين جو سهڪار

Mixed Actor Model

مڪسڊ ايڪٽر ماڊل

هي اصطلاح نامياري اسڪالر، ’اوران ينگ‘ 1972ع ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ استعمال ڪيو. ”ينگ“ جي خيال مطابق بين الاقوامي تعلقات ۾ يا ٻين گهڻ قومي اهم پاليسين ۾ ڪو هڪ ادارو يا صرف دُنيا جون حڪومتون شامل نه هجن، بلڪ مُختلف خانگي ادارا ۽ حڪومتي گڏجي ڪم ڪن. ينگ جي وضاحت موجب بين الاقوامي تعلقات ۾ فقط حڪومتن جي نمائندگي هجڻ ڪري فيصله سازيءَ واري فورمن تي سڄي دنيا جي عوام جي نمائندگي نه ٿي، ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت جو ادارو پرڏيهي پاليسين کي پنهنجي سمجهه سوچ مطابق استعمال ۾ آڻڻ لاءِ ترتيب ڏئي ٿو. ان جي ابتڙ جيڪڏهن گهڻا ادارا گڏجي ڪم ڪندا ته انهيءَ جا نتيجا بهتر نڪرندا. ان خيال جي اُبتڙ بين الاقوامي تعلقات جا گهڻا ماهر ينگ جي نظريي تي تنقيد ڪن ٿا. انهي جي مطابق ملڪي ۽ غيرملڪي، غيرسرڪاري ۽ فني ۽ ٻيا ادارا بين الاقوامي لاڳاپن جي معاملن ۾ پنهنجو ڪردار اڳ ئي ادا ڪري رهيا آهن، جيڪو تمام اهم آهي. انهيءَ حوالي سان مُختلف حُڪومتن جي فيصله ڪُن شرڪت کي نظرانداز ڪرڻ سان وڏا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. پر جنگ جي مضمون منجهان اهو سوال ضرور اڀري ٿو ته ادارن کي بين الاقوامي معاملن ۾ عمل دخل جي ڪيتري حد تائين اجازت آهي؟ گهڻن ادارن جي گهڻ رخي ۽ سگهاري عملدخل جي لاءِ، ”مڪسڊ ايڪٽر ماڊل“ هڪ نئون دروازو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته پاليسي سازيءَ واري عمل ۾ گهڻ رخو ڪردار اداري ۽ نظام جي وسيع جوڙجڪ تي ٻڌل آهي


Remember Me Also:

وڻند

وِڻِندِ جمع وِڻِندِيُون

ث . ڪرٽ جي ڏندن کي ورائڻ جو هڪ اوزار، ڪارائيءَ جي ڏندن سڌي ڪرڻ جو هڪ اوزار.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal